استاد لعل خان گُڪو

استاد لعل خان گُڪو: استاد لعل خان سرزمين سنڌ جو فرزند ۽ شهر ٺٽي جو رهاڪو هو. سندس پيدائش ۽ تعليم ۽ تربيت ٺٽي ۾ ئي ٿي. پاڻ قد جو تمام ننڍو ۽ بت ۾ ڀريل هو جنهنڪري کيس گُڪو سڏيو ويندو هو. هن ڪلاسيڪي موسيقيءَ ۾ وڏي مهارت حاصل ڪئي ۽ نالو ڪڍيو. سندس آواز ڏاڍو سُريلو ۽ درد ڀريو هوندو هو، جنهنڪري عوام ۾ ڏاڍو مقبول هو. درٻاري، مالڪوس ۽ للت سندس پسنديده راڳ هئا ۽ انهن تي کيس مڪمل عبور حاصل هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو